خواجه محمد اشرف ويهڙائي

خواجه محمد اشرف ويهڙائي: صوفي بزرگ حضرت خواجه محمد اشرف جان نقشبندي 1919ع ڌاري ڳوٺ ويهڙ تعلقي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم خدا آباد شهر ڀرسان ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙي ۾ پنهنجي ناني عبدالله عرف قيصر فقير کان حاصل ڪئي جنهن کانپوءِ سنڌ جي مشهور شهر سن جي ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگيءَ ۾ استاد محمد ڪامل کان تعليم حاصل ڪيائين، جيڪو ان وقت جو جيد عالم هو. هو ديني ۽ علمي مسئلن ۾ گهڻو سرگرم رهيو ۽ وسيع معلومات جو مالڪ هو. هن فقيري جي راهه ۾ زبردست جفاڪشي ڪئي. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جون منزلون طئي ڪرڻ بعد خلق جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏنائين ۽ سڄي زندگي انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهبودي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هن جي صحبت ۾ ڪيترا ڀٽڪيل ماڻهو نيڪ ۽ صالح بنجي ويا.
سندس نقشبندي طريقي جي پوئلڳن جو وڏو تعداد پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن عربستان، ايران، مصر، چين ۽ عرب امارات ۾ موجود آهي. وڏو سخي ۽ مهمان نواز هو، هميشه غريبن ۽ يتيمن جي مدد ڪندو ۽ ڀائپي، رواداري ۽ اخوت جي تلقين ڪندو هو. هن 24 ڊسمبر 1998ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ويهڙ شريف ۾ والد جي مزار ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو